Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:13 - Sindhi Bible

13 اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي خداوند، اسان جا خدا! بيشڪ ٻين حڪمرانن بہ اسان تي حڪم پئي هلايو آهي، پر تو کان سواءِ اسين ڪنهن ٻئي جا تابعدار ناهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو انهيءَ جا ٻانها ٿيندا؛ تہ ڀلي هنن کي منهنجي خدمت، ۽ ملڪن جي بادشاهن جي خدمت جي وچ ۾ خبر پوي.


۽ جيئن مون سامريہ ۽ ان جي بتن سان ڪيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم ۽ ان جي بتن سان نہ ڪريان ڇا؟


۽ انهي ڏينهن اوهين چوندا تہ خداوند جا شڪر بجا آڻيو، هن جو نالو وٺي سڏيو، قومن جي وچ ۾ هن جا ڪم ظاهر ڪريو، ۽ اهو ذڪر ڪريو تہ هن جو نالو بزرگ آهي.


انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن.


هائو، اي خداوند اسين تنهنجي عدالتن جي رستي تي تنهنجي لاءِ منتظر ٿي رهيا آهيون؛ اسان جي روح جي خواهش تنهنجو نالو ۽ تنهنجي يادگار آهي.


خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.


آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.


هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين.


۽ اوهان کي سچ جي خبر پوندي، ۽ سچ اوهان کي آزاد ڪندو.


پر هاڻي جڏهن گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، تڏهن اوهان کي انهي جو ڦل، يعني پاڪيزگي حاصل ٿي ٿئي، جنهن جو نتيجو هميشہ جي زندگي آهي.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.


۽ اهي قومون، جي اوهان ۾ باقي وڃي رهيون آهن، تن ۾ داخل نہ ٿجو؛ نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو، نڪي انهن جو قسم کڻجو، نڪي انهن جي عبادت ڪجو، ۽ نڪي انهن کي سجدو ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ