Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:12 - Sindhi Bible

12 اي خداوند تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين: ڇالاءِ جو اسان جا سڀ ڪم بہ تو اسان جي لاءِ ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اي خداوند! تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ اسان کي حاصل ٿئي ٿو، سو سڀ تنهنجي ڪمن جو ئي نتيجو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:12
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو.


آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريندس؛ انهيءَ خدا کي جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.


جيڪو مون کي ڳهي وڃڻ ٿو گهري تنهنجي طعنن کان بچائڻ لاءِ، هو آسمان مان موڪليندو؛ هائو خدا پنهنجو رحم ۽ سچائي موڪليندو.


تنهنجي خدا حڪم ڏنو آهي تہ توکي مضبوطي ملي؛ اي خدا جيڪي تو اسان جي واسطي ڪيو آهي تنهن کي قائم ڪر.


شل خداوند اسان جي خدا جو جمال اسان تي هجي: تون اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر؛ هائو، تون ئي اسان جي هٿن جي ڪم کي قائم ڪر.


جنهن جي دل قائم آهي تنهن کي تون سلامت رکندين: ڇالاءِ جو هن جو توتي ڀروسو آهي.


يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.


پر جڏهن هو پنهنجو اولاد، يعني منهنجن هٿن جي ڪاريگري پنهنجي وچ ۾ ڏسندو، تڏهن هو منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا؛ هائو، اهي يعقوب جي قدوس خدا جي تقديس ڪندا، ۽ اسرائيل جي خدا جي ڊپ ۾ رهندا.


۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي.


تون پنهنجي پنڌ جي گهڻائيءَ ڪري ساڻي ٿي پيئينءَ؛ تڏهن بہ تو نہ چيو تہ انهي مان ڪابہ اُميد ڪانهي: تو پنهنجي خواهش وڌندي ڏٺي؛ تنهن ڪري ساڻي نہ ٿينءَ.


خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ چپن جو ڦل پيدا ڪندس: سلامتي، سلامتي انهي تي جو پري آهي، ۽ جو ويجهو آهي؛ آءٌ هن کي شفا ڏيندس.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


شل خداوند پنهنجو منهن تو ڏانهن ڦيرائي ۽ توکي سلامتي بخشي.


آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ