Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:10 - Sindhi Bible

10 ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بدڪارن سان ڪيڏو بہ رحم وارو سلوڪ ڪيو وڃي، پر تڏهن بہ اهي حق جي راهہ تي نہ هلندا. اي خداوند! اهڙن ماڻهن کي تنهنجي عظمت جو بہ ڪو لحاظ ڪونهي، اهي تنهنجي هن انصاف واري ملڪ ۾ بہ بڇڙائي ڪندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:10
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو يربعام جي گهراڻي وارن گناهن کان باز نہ آيا، جن سان هن اسرائيل کان گناهہ ڪرايو، پر انهن تي هلندا آيا: ۽ سامريہ ۾ يسيرت بہ رهيو پيو هو.)


هن گهڻا ئي ڀيرا کين ڇڏايو؛ پر اهي پنهنجين صلاحن تي هلي فسادي ٿي پيا، ۽ پنهنجيءَ بدڪاريءَ جي ڪري دٻجي ويا.


مون کي پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ سيکار؛ ڇو جو تون منهنجو خدا آهين: تنهنجو نيڪ روح مون کي سچارن جي ملڪ ۾ هلائي.


انهن جي خطا تي خطا چاڙهہ: ۽ کين پنهنجيءَ راستبازيءَ ۾ اچڻ نہ ڏي.


پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


باقي تنهنجي ۽ تنهنجن نوڪرن جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند جو خوف ڪونہ آهي.


۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي.


ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.


خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي.


اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.


۽ انهن جي مجلس ۾ بربط ۽ تنبور ۽ دف ۽ بانسري آهن: پر انهن جو خداوند جي ڪم ڏي ڪوبہ ڌيان ڪونهي، نڪي انهن هن جي هٿن جي صفت تي ويچار ڪيو آهي.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ هنن جا قيدي موٽائي آڻيندس تڏهن هو وري بہ يهوداہ جي زمين ۾ ۽ ان جي شهرن ۾ هيئن چوندا: تہ اي انصاف جا مڪان، اي پاڪ جبل، شل خداوند توکي برڪت ڏئي.


۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.


هو پنهنجي چراگاهہ ۾ ڍاپجي ويا ۽ پيٽ ڀرجڻ ڪري هنن جي دل مغرور ٿي ويئي: ۽ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي.


هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.


اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.


تڏهن شيطان هن کي پاڪ شهر ۾ وٺي ويو، ۽ هيڪل جي ڪنگري تي بيهاري چيائينس تہ


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


۽ مون انهيءَ کي مهلت ڏني تہ توبهہ ڪري؛ پر اها پنهنجي زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نٿي گهُري.


۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ