Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 26:1 - Sindhi Bible

1 اُنهي ڏينهن يهوداہ جي ملڪ ۾ هي راڳ ڳايو ويندو: اسان وٽ هڪڙو مضبوط شهر آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ٺلهن جي بدران هو نجات مقرر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن يهوداہ جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا تہ ”اسان جو شهر يروشلم هڪ محفوظ شهر آهي، جنهن جي ڪوٽ جي حفاظت خدا پاڻ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 26:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.


خداوند مبارڪ هجي، ڇو جو هن هڪڙي مضبوط شهر ۾ مون تي عجيب مهرباني ڪئي آهي.


صيون جي آس پاس گهمو، ۽ ان جي چوڌاري ڦري ڏسو، ۽ سندس ٺلهہ ڳڻيو.


ڇالاءِ جو ڏس بادشاهہ گڏ ٿيا، اهي گڏجي لنگهي ويا.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


انهي ڏينهن انسان پنهنجا چانديءَ جا بت، جي پوڄڻ واسطي پنهنجي لاءِ جوڙيا هئائين، سي ڇڇوندر ۽ چمڙن جي اڳيان اُڇلائي ڇڏيندو؛


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


اُڏامندڙ پکين وانگي، لشڪرن جو خداوند يروشلم کي بچائيندو؛ هو انهي کي بچائيندو ۽ ڇڏائيندو، ۽ اُنهي تي چشم پوشي ڪندو ۽ کيس قائم رکندو.


هن جو ٽڪر خوف جي ڪري پنهنجيءَ جاءِ تان لنگهي ويندو، ۽ هن جا سردار جهنڊي کان ڊڄي ويندا؛ خداوند فرمايو آهي، جنهن جي باهہ صيون ۾، ۽ کورو يروشلم ۾ آهي.


خداوند سرفراز آهي؛ ڇالاءِ جو هو بلنديءَ تي ٿو رهي: هن صيون کي انصاف ۽ راستبازيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي.


تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


مون کي ڇڏ تہ پنهنجي پياري محبوب لاءِ، پنهنجي محبوب جو راڳ سندس ڊاک جي منهہ بابت ڳايان. منهنجي پياري محبوبہ کي هڪڙي تمام آباد ٽڪريءَ تي هڪڙو ڊاک جو منهہ هو:


تن کي آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي ڀتين جي اندر اهڙي يادگار ۽ اهڙو نالو ڏيندس جو پٽن ۽ ڌيئرن کان بہ بهتر آهي؛ آءٌ انهن کي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ نالو ڏيندس جو تباهہ ڪين ٿيندو.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


۽ ڏسو، گهر جي چوڌاري ٻاهران هڪڙي ڀِت هئي، ۽ انهي ماڻهو جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪڙو ڪانو هو، جو ڇهہ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ هرهڪ هٿ جي ماپ، ماڻهوءَ جي هٿ ۽ هٿ جي موڪرائي جيتري وڌيڪ هئي: اُنهي سان هن انهي عمارت جي ويڪر ماپي تہ هڪڙو ڪانو هئي، ۽ ڊيگهہ بہ هڪڙو ڪانو ٿي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.


ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.


تڏهن اسرائيلين هي گيت ڳايو: اڙي کوهہ پنهنجو چشمو کول؛ اوهين انهيءَ بابت گيت ڳايو:


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ