Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 25:5 - Sindhi Bible

5 تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 25:5
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ڇانوَ ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر موڪليو؛ ۽ رات جو سوجهري لاءِ باهہ موڪيائين.


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس.


۽ هن جبل تي لشڪرن جو خداوند سڀني قومن جي لاءِ ٿلهين شين جي مهماني ڪندو، شرابن جي ڀريل مٽن سان؛ مک سان ڀريل ٿلهين شين سان، ۽ چڱيءَ طرح صاف ٿيل شراب جي مٽن سان.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ