Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 25:4 - Sindhi Bible

4 جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4-5 تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 25:4
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بہ هو محتاج کي ڏکن کان ڇڏائي سرفراز ٿو ڪري، ۽ سندن خاندان کي ڌڻ وانگر ٿو وڌائي.


اي خداوند آءٌ تنهنجين شاهدين تي قائم رهيو آهيان: مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


خداوند تنهنجو سنڀاليندڙ آهي: خداوند تنهنجي ساڄي پاسي تنهنجي ڇانوَ آهي.


منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟


آءٌ جيڪر سخت طوفان ۽ واچوڙي کان ڀڄي ڪنهن هنڌ وڃي پناهہ وٺان ها.


هو غريب ۽ محتاج تي ڪهل ڪندو، ۽ محتاجن جي جان بچائيندو.


هو اُمت جي غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ محتاجن جي ٻارن کي بچائيندو، ۽ ظالم کي وڍي ڇڏيندو.


جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.


جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.


پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.


تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


صلاح ڏيو، انصاف ڪريو؛ ٻن پهرن وقت پنهنجو پاڇو رات جهڙو ڪريو: هڪالي ڪڍيلن کي لڪايو، گهمندڙن کي ظاهر نہ ڪريو.


ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:


يا جي هو منهنجي طاقت جي آسري هيٺ اچي، تہ مون سان، هائو، ڀلي تہ هو مون سان، صلح ڪري.


۽ جيڪو عدالت ڪرڻ ويهندو تنهن لاءِ انصاف جو روح، ۽ جيڪي دروازي تي بيهي حملو ڪندڙ کي موٽائيندا تن لاءِ زور ٿيندو.


مسڪين بہ خداوند ۾ وڌيڪ خوش ٿيندا، ۽ ماڻهن ۾ جيڪي غريب آهن سي اسرائيل جي پاڪ خدا ۾ سرها ٿيندا.


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


پر تنهنجي دشمن جو ڪٽڪ سنهيءَ مٽي وانگر ٿيندو، ۽ انهن خوفناڪ ماڻهن جو ڪٽڪ اُڏامندڙ تُهہ وانگي هوندو: هائو، اهو هڪ لحظي ۾ اوچتو ٿيندو.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو.


اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ.


۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن.


پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس.


جڏهن دانهن ڪنديئن، تڏهن جيڪي تو گڏ ڪيا آهن، سي ڀلي توکي ڇڏائين؛ پر واءُ انهن کي کڻي ويندو: هڪڙي ڦوڪ انهن سڀني کي اُڏائي ڇڏيندي: پر جيڪو مون تي ڀروسو رکندو سو زمين جو مالڪ ٿيندو، ۽ منهنجي پاڪ جبل جو وارث ٿيندو.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


۽ اهو پاڪ مڪان جي بجاءِ ٿيندو؛ مگر اسرائيل جي ٻنهي گهراڻن لاءِ آٿڙڻ جي پٿر، ۽ ٿاٻي کائڻ جي ٽڪر جي بجاءِ ٿيندو، ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ ڦندي ۽ دام جي بجاءِ ٿيندو.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


پر آءٌ تنهنجي وچ ۾ هڪڙي ڏکويل ۽ غريب قوم ڇڏيندس، جا خداوند جي نالي تي ڀروسو رکندي.


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ