Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 25:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو تو شهر کي ڍير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوٽ واري شهر کي ويران بنائي ڇڏيو اٿيئي: ۽ ڌارين جو محلات بہ شهر نہ رهيو آهي، اهو ڪڏهن بہ اڏڻ ۾ نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تو اسان جي دشمنن جي شهرن کي مٽيءَ جي دڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ انهن جي مضبوط قلعن ۽ محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي ابد تائين وري نہ اڏجي سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 25:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، هو ڊاهي ٿو تہ اهو وري اڏجي نٿو سگهي؛ هو ڪنهن ماڻهوءَ کي بند ڪري ٿو تہ اهو کلي نٿو سگهي.


اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا.


پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.


۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.


آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.


افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن.


ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.


وڏو شهر ڀڄي ڪري پيو آهي: سڀ گهر بند ٿي ويا آهن، تہ ڪوبہ ماڻهو اندر نہ اچي.


۽ هو ڀتين جي مٿانهين ڪوٽ جي ٺلهہ کي هيٺ پٽ تي ڪيرائيندو بلڪ مٽيءَ سان ملائي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو هن مٿانهينءَ تي رهڻ وارن کي، بلڪ مغرور شهر کي هيٺ ڪيرايو: يعني انهن کي هيٺ ڪيرائي زمين تي هموار ڪري، مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو.


انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي.


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.


۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


۽ پنهنجن مٿن تي خاڪ وجهي رڙيون ڪري روئي پِٽي چوندا تہ هاءِ هاءِ، وڏو شهر، جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا هئا! سو هڪڙي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ