Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 25:11 - Sindhi Bible

11 هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ اهي ڪنهن ٻڏندڙ ماڻهوءَ جيان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندا، پر سندن هر طرح جي ڪوشش جي باوجود خدا سندن غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 25:11
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ڪاوڙ جو جوش هاري وجهہ: ۽ جيڪو مغرور آهي انهيءَ ڏي نهار ۽ انهيءَ کي ذليل ڪر.


تڏهن هو ڪاوڙجي ساڻن ڳالهائيندو، ۽ ڏاڍو ناراض ٿي کين پريشان ڪندو.


ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند، سخت ڪاوڙ سان ٽاريون وڍيندو: ۽ وڏي قد واريون وڍجي هيٺ ڪرنديون، ۽ مٿانهيون هيٺ آنديون وينديون.


۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.


اهو ارادو آهي جو ساري جهان تي مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هٿ آهي جو سڀني قومن تي ڊگهيريو ويو آهي.


پر هاڻي خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مزورن جي سالن جهڙن ٽن سالن جي اندر موآب جي وڏائي، ۽ ان جي وڏي جماعت نفرت جهڙي ڪئي ويندي؛ ۽ جيڪي باقي بچندا سي تمام ٿورا، ۽ ڪين جهڙا ليکيا ويندا.


اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.


خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


۽ هر ڪنهن اوچي ٺلهہ، ۽ هر ڪنهن ڪوٽ واريءَ ڀت تي؛


تون پرديسين جي هل کي خشڪ جاءِ جي گرميءَ وانگي هيٺ آڻيندين؛ جيئن ڪڪر جي ڇانوَ هيٺ گرمي گهٽجي وڃي، تيئن خوفناڪ ماڻهن جي راڳ جو آواز گهٽايو ويندو.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.


۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.


۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ