9 هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.
9 مئي پيئڻ وارن جي خوشيءَ جا گيت ٻڌڻ ۾ نہ ايندا، بلڪ نشي واري ڪابہ شيءِ پيئڻ واري کي ڪو مزو نہ ڏيندي.
جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.
پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.
افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!
افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:
۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.
۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيڪل جا راڳ انهي ڏينهن ۾ ماتم ٿيندا: لاشن جا ڍير لڳندا، سڀ ڪنهن هنڌ اُهي ماٺ ۾ ٻاهر اُڇلايا ويندا.
لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.