Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 24:5 - Sindhi Bible

5 زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بيشڪ ڌرتي پنهنجي رهاڪن جي ڪري پليت ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو شريعت جون حدون لنگھي ويا آهن. هنن خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي آهي، ۽ سندس ٻڌل دائمي عهد ٽوڙي ڇڏيو اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 24:5
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ يروشلم ۽ يهوداہ تي اهڙي مصيبت نازل ٿو ڪريان جو جيڪو انهيءَ جي خبر ٻڌندو تنهن جا ٻئي ڪن پيا ٻرندا.


ڇالاءِ جو هنن اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن، ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪتا تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


۽ منسيءَ يهوداہ ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ايتري قدر گمراهہ ڪيو جو هنن انهن قومن کان بہ وڌيڪ خراب ڪم ڪيا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ناس ڪيو هو.


تنهن کي يعقوب جي لاءِ قانون، ۽ اسرائيل جي لاءِ هميشہ جو عهد ٺهرايائين:


خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي.


آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


شاهي رستا ويران آهن، مٿن لنگهڻ وارو ئي ڪونهي: هن عهد ڀڳو آهي، هو شهرن سان نفرت ٿو ڪري، ۽ انسان جي ڪابہ پرواهہ نٿو ڪري.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


تنهن ڪري خداوند انهن جي جوان ماڻهن تي خوش نہ ٿيندو، نڪي هو انهن جي يتيمن ۽ بيوہ زالن تي رحم ڪندو: ڇالاءِ سڀڪو بي دين ۽ بدڪار آهي، ۽ سڀڪو وات بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ٿو ڪري. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ توسان اهڙي ساڳي هلت ڪندس، جهڙي تو ڪئي آهي، جو عهد اقرار ڀڃڻ سان تو قسم جي حقارت ڪئي آهي.


پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.


ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن سان سلامتيءَ جو عهد اقرار ڪندس: اُهو هنن سان مدامي عهد اقرار ٿيندو؛ ۽ آءٌ هنن کي اُتي رکندس ۽ وڌائيندس، ۽ پنهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ هنن جي وچ ۾ قائم ڪندس.


۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو.


اسان خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيو آهي نہ ئي سندس قانونن تي هليا آهيون، جي سندس ٻانهن نبين اسان جي اڳيان رکيا.


اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:


پر هنن آدم وانگر عهد اقرار ڀڳو آهي: اُتي هنن منهنجي برخلاف دغابازي ڪئي آهي.


تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.


جيستائين اها ويران رهندي تيستائين آرام وٺندي، يعني اهو آرام، جو کيس اوهانجن سبتن ۾ بہ نصيب ڪونہ ٿيندو هو، جڏهن اوهين منجهس رهندا هئا.


اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


تڏهن هن چيو، تہ آءٌ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ڏسندس تہ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي: ڇالاءِ جو اهي تمام ضدي پيڙهي، ۽ بي ايمان اولاد آهن.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


هاڻي پهرئين عهد ۾ بہ عبادت جا قانون هئا، ۽ انهي جي پاڪ جاءِ هن دنيا جي هئي.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جو عهد ڀڃندا، جنهن جو حڪم هن ڏنو آهي، ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا، ۽ انهن کي سجدو ڪندا؛ تڏهن خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي، ۽ اوهين جلد ناس ٿي انهيءَ چڱيءَ زمين تان چٽ ٿي ويندا، جا هن اوهان کي ڏني آهي.


پوءِ يشوع انهيءَ ڏينهن ماڻهن سان عهد اقرار ڪيو، ۽ سڪم ۾ هنن کي هڪڙو قاعدو، ۽ هڪڙي ريت مقرر ڪري ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ