جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!
صيون جا رستا سڃا ٿيا پيا آهن، ڇالاءِ جو ڪوبہ سڳوري جماعت ۾ ڪونہ ٿو اچي؛ ان جا سڀ دروازا سڃيا پيا آهن، ان جا ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا کڻن: ان جون ڪنواريون ڇوڪريون ڏک ۾ آهن، ۽ هو پاڻ غم ۾ آهي.
اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.