6 اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو.
6 اي سمنڊ جي ڪناري وارن انهن شهرن جا رهاڪؤ! اوهين زاروزار روئندي ترسيس ڏانهن ڀڄي وڃو،
تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.
ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا.
اي ترسيس جي ڌيءَ، تون نيل نديءَ وانگي پنهنجي زمين مان لنگهي وڃ، اڳتي تنهنجي چوڌاري ڪو بند ٻڌل ڪونهي.
۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.
ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.
ٻيٽن جا سڀ رهاڪو توتي حيران آهن، ۽ انهن جا بادشاهہ گهڻي خوف ۾ آهن؛ انهن جون شڪليون ئي بدلجي ويون آهن.
پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.