Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 23:4 - Sindhi Bible

4 اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 23:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدون ڄائو ۽ پوءِ حت؛


ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.


۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛


۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛


اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صيون، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ ۽ اوهان جي وچ ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪيو ويندو: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اُن ۾ فتوائن جي تعميل ڪندس، ۽ اُن ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ