Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 23:17 - Sindhi Bible

17 ۽ ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيندو تہ خداوند صور جي خبر لهڻ ايندو، ۽ هوءَ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ موٽندي، ۽ زمين جي سطح تي جيڪي دنيا جون بادشاهتون آهن تن سڀني سان هوءَ زناڪاري ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا، تڏهن خداوند صور شهر جي سار سنڀار لهندو. ان وقت جيئن ڪا ڪڃري ٻيهر ساڳئي نموني پنهنجي ڪمائي ڪري، تيئن ئي صور شهر وري دنيا جي هر قوم سان پنهنجو واپار ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 23:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪنهن بادشاهہ جي ڏينهن جهڙن ستر سالن تائين صور وساريو ويندو: ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو اهڙو حال ٿيندو جهڙو ڪڃريءَ جي راڳ جو آهي.


اي ڪڃري، تون جا وساري وئي آهين، سا هڪڙو بربط کڻي شهر ۾ گهم ڦر؛ مٺو آلاپ ڪڍي گهڻا راڳ ڳاءِ، تہ توکي ياد ڪن.


۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس.


رستي جي سڀ ڪنهن ڪُنڊ تي تو پنهنجو مٿانهون مڪان ٺاهيو آهي، ۽ پنهنجي سونهن نفرت جهڙي ڪئي اٿيئي، ۽ جيڪو ٿي لنگهيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ پنهنجي زناڪاري وڌيڪ ٿي ڪئي.


تو مصر سان بہ زناڪاري ڪئي آهي، جي تنهنجا پاڙيسري ۽ وڏا قداور آهن؛ ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ تو پنهنجي زناڪاري وڌائي آهي.


جو تون سڀ ڪنهن رستي جي ڪُنڊ تي مٿانهين جاءِ ٿي جوڙين، ۽ سڀ ڪنهن گهٽيءَ ۾ پنهنجو عاليشان مڪان ٿي ٺاهين؛ پر ڪڃريءَ جهڙي نہ ٿي رهي آهين، ڇالاءِ پئسا وٺڻ تي کلين ٿي.


تنهنڪري ڏس، جيڪو فائدو تو ڪپت ڪري حاصل ڪيو آهي تنهن تي، ۽ جيڪا خونريزي تو ۾ ٿي آهي تنهن تي، مون پنهنجي هٿ سان ڌڪ هنيو آهي.


۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


اهو سڀ انهيءَ خوبصورت ڪڃريءَ جي گهڻين زناڪارين جو سبب آهي؛ جا اُستاد جادوگرڻ آهي، ۽ پنهنجين زناڪارين سان ملڪ، ۽ پنهنجي جادن سان خاندان وڪڻيو ڇڏي.


۽ اهو ئي ڪنارو يهوداہ جي باقي رهيلن جي لاءِ ٿيندو؛ انهي تي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا: اسقلون جي مڪانن ۾ هو شام جو اچي سمهندا؛ ڇالاءِ جو خداوند سندن خدا سندن سار لهندو، ۽ سندن قيدي موٽائي آڻيندو.


شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛


انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن،


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ