Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 23:13 - Sindhi Bible

13 ڪسدين جي زمين ڏس هيءَ قوم نابود ٿي وئي؛ اسورين انهيءَ کي جهنگ جي مرن لاءِ مقرر ڪيو آهي: هنن پنهنجا ٺلهہ کڙا ڪيا، پر هنن محلاتون ڪيرائي وڌيون: هن انهيءَ کي ويران ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 23:13
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حاران پنهنجي پيءُ تارح جي جيئري، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ، يعني ڪسدين جي اور ۾ مري ويو.


پوءِ تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جو حاران جو پٽ هو، ۽ پنهنجيءَ ننهن، يعني ابرام جي زال ساريءَ کي پاڻ سان وٺي نڪتو، ۽ اهي سڀيئي ڪسدين جي اور مان روانا ٿيا ۽ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن ويا. جڏهن اهي حاران ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.


تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.


ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


انهيءَ وقت بابل جي بادشاهہ برودڪ بلہ دان بن بلہ دان، خط ۽ هڪڙو تحفو حزقياہ ڏانهن موڪليو: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ حزقياہ بيمار هو:


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


اڃا هن ائين ئي پي ڳالهايو تہ، ٻئي بہ هڪڙي اچي چيو تہ ڪسدي ٽي ٽوليون ڪري ڪاهي اچي اُٺن تي پيا، ۽ انهن کي وٺي ويا آهن، ۽ نوڪرن کي ترار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.


بيابان جا رهاڪو وٽس اچي سجدو ڪندا؛ ۽ سندس دشمن مٽي چٽيندا.


اسور جو منهنجي ڪاوڙ جو لڪڻ، ۽ اها لٺ آهي جنهن جي هٿ ۾ منهنجو عصو آهي،


انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.


۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.


پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.


جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو.


خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.


بابلي ۽ سڀ ڪسدي، فقود ۽ شوع، ۽ قوع، انهن سان گڏ سڀ اسوري: دلپسند جوان مرد، سڀيئي نواب ۽ حاڪم، سردار ۽ ناميارا ماڻهو، سڀ گهوڙن تي چڙهيل.


اي آدمزاد، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر پنهنجي لشڪر کان صور جي برخلاف هڪڙي وڏي خدمت ڪرائي آهي، يعني سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن ڪلهي جي کل لهرايائين: انهي هوندي بہ نہ هن کي ۽ نہ هن جي لشڪر کي صور کان سندن برخلاف ڪيل خدمت جو اُجورو مليو:


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.


تڏهن هو ڪسدين جي ملڪ مان نڪري حاران ۾ اچي رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سندس پيءُ مري ويو، تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اوهين اڃا تائين رهندا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ