يسعياہ 23:11 - Sindhi Bible11 هن پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهيريو آهي. هن بادشاهتن کي لوڏي ڇڏيو آهي: خداوند ڪنعان جي نسبت ۾ حڪم جاري ڪيو آهي تہ انهيءَ جا مضبوط قلعا ڊاهي ڇڏجن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible11 خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.