Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو عيلام جو جنگي رٿن ۽ گهوڙيسوارن سان تيرن جي بٿي کنئي؛ ۽ قير سپر جو پوش لاٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


۽ اسور جي بادشاهہ هن جي ڳالهہ مڃي: ۽ اسور جو بادشاهہ دمشق تي چڙهي ويو ۽ اُهو ورتائين، ۽ اُنهيءَ جا ماڻهو قيد ڪري قير ڏانهن وٺي ويو، ۽ رضين کي قتل ڪيائين.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


۽ هيئن ٿيو تہ تنهنجون تمام عمديون واديون جنگي گاڏين سان ڀريل هيون، ۽ گهوڙيسوار در تي قطار ٻڌي بيهي ويا.


۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ