Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جي خدا وٽان رويا واريءَ وادي ۾ بي آرامي، ۽ موت، ۽ مونجهاري، ڀتين جي ڀڃڻ، ۽ جبلن تائين رڙين ڪرڻ جو هي ڏينهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 خداوند، قادرِمطلق خدا هي وقت رويا واري واديءَ جي لاءِ جنگ جي شور، دهشت ۽ هراس واسطي چونڊيو آهي. يروشلم شهر جون ديوارون ڀڃي ڪيرايون ويون آهن. پهاڙن ۾ مدد جي پڪارن جو پڙاڏو پيو گونجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:5
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن وڃي هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو چوي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت جو، ۽ طعني جو، ۽ ڌڪار جو آهي: ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آيا آهن پر انهن کي ڄڻڻ جي طاقت ڪانہ رهي آهي.


۽ ڪلدين جي ساري فوج، جا پهري وارن جي سردارن سان هئي، تنهن يروشلم جي ڀتين کي چوڌاري ڀڃي وڌو.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


آءٌ انهي کي بي دين قوم تي موڪليندس، ۽ پنهنجي ڪاوڙ واري قوم تي انهي کي حڪم ڏيندس، تہ وڃي ڦري لٽي ۽ شڪار ڪري، ۽ انهن کي وڃي گهٽين جي گپ وانگي لتاڙي.


رويا واري واديءَ بابت ڪلام. هاڻي تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو تون گهر جي ڇتين تي چڙهي وئي آهين؟


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


ان جا دشمن غالب پيا آهن، ان جا ويري خوش پيا گذارين؛ ڇالاءِ جو خداوند اُن کي سندس گهڻين بدڪارين سبب ڏک ڏنو آهي: ان جا ننڍا ٻار دشمن جي اڳيان قيد ٿي ويا آهن.


خداوند يعقوب جون سڀ رهڻ جون جايون ڳهي ڇڏيون آهن، ۽ قياس بہ ڪونہ آيس؛ هن پنهنجي ڪاوڙ ۾ يهوداہ جي ڌيءَ جا قلعا ڊاهي ڇڏيا آهن؛ هن اهي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا آهن؛ هن انهيءَ جي بادشاهت ۽ انهيءَ جا امير ناپاڪ ڪري ڇڏيا آهن.


خداوند ارادو ڪيو آهي تہ صيون جي ڌيءَ جي ڀت ناس ڪري ڇڏي؛ هن ڏور ڇڪي آهي، هن ناس ڪرڻ کان پنهنجو هٿ نہ روڪيو آهي: پر هن قلعي جي ٺلهہ ۽ ڀت کي ماتم ۾ وڌو آهي؛ اُهي گڏ پيا ڏک ۾ ڳرن.


اي زمين جا رهاڪو، تنهنجي سزا توتي آئي آهي: وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن اچي ويجهو پيو آهي، نہ جبلن تان خوشيءَ جي نعرن هڻڻ جو ڏينهن، پر گوڙ گڙٻڙ جو ڏينهن.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي.


اُهو ڏينهن غضب جو ڏينهن آهي، تڪليف ۽ ڏک جو ڏينهن، تباهي ۽ ويراني جو ڏينهن، اونداهي ۽ انڌاري جو ڏينهن، ڪڪرن ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛


تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.


تڏهن اهي جبلن کي چوڻ لڳندا تہ اسان تي اچي پئو: ۽ ٽڪرين کي تہ اسان کي لڪائي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ