Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:23 - Sindhi Bible

23 ۽ آءٌ هن کي ڪليءَ وانگي مضبوط جاءِ تي قابو ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهراڻي لاءِ جلالي تخت ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 آءٌ خداوند کيس اهڙيءَ طرح قائم ڪندس، جيئن ڪنهن مضبوط جاءِ تي ڪلي کوڙبي آهي. سو الياقيم پنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي لاءِ شان وَ شوڪت جو باعث بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.


ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟


هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن.


ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.


۽ اهي سندس اباڻي گهراڻي جي سڀ وڏائي، اولاد توڙي نسل، سڀ ننڍا ٿانوَ، پيالن جهڙا، ۽ قرابن جهڙا، هن تي ٽنگي ڇڏيندا.


انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ