Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:16 - Sindhi Bible

16 تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تو وٽ هتي ڪير آهي جو تو پنهنجي لاءِ ٽڪي قبر ٺاهي آهي؟ تون جو مٿانهينءَ تي پنهنجي لاءِ قبر ٿو ٽڪين، ۽ ٽڪريءَ تي پنهنجي لاءِ رهڻ جي جاءِ ٿو کوٽين!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ منهنجي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ڏس، آءٌ مران ٿو ۽ جيڪا قبر مون پنهنجي لاءِ ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻائي ڇڏي آهي؛ تنهن ۾ اوهين مون کي دفن ڪجو. تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي موڪل ڏي، تہ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. پوءِ آءٌ موٽي ايندس.


هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛


قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.


پر تون پنهنجي قبر مان ائين اُڇلايو ويو آهين، جيئن ڪا ڪراهت جهڙي ٽاري هجي، يا جيئن ڪا ڪُٺلن جي پوشاڪ هجي، جنهن کي ترار سان قتل ڪيو هجين، تہ هيٺ کڏ جي پٿرن ۾ وڃي ڪرن؛ جيئن ڪو ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙبو آهي.


اي زبردست ڏس، خداوند توکي سختيءَ سان پري اُڇلائيندو؛ هائو، هو توکي سوڙهو ويڙهي ڇڏيندو.


تنهن ڪري هاڻي خداوند فرمائي ٿو، تہ جڏهن منهنجي اُمت کي مفت ۾ وٺي ويا آهن، تڏهن آءٌ هتي ڇا ڪريان؟ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن جا حاڪم واڪا ٿا ڪن، ۽ سارو ڏينهن منهنجي نالي تي ڪفر ٿا بڪن.


اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.


ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ