Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:12 - Sindhi Bible

12 ۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:12
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.


۽ جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي قبا ڦاڙي، ۽ پنهنجي مٿي ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار نوچيا، ۽ حيران ٿي ويهي رهيس.


۽ تو اسانجن ابن ڏاڏن جي مصيبت ڏٺي ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ تو هنن جي دانهن ٻڌي؛


تڏهن ايوب اُٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ پنهنجو مٿو ڪوڙيائين، ۽ زمين تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳو؛


هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.


روئڻ جي لاءِ وقت، ۽ کلڻ جي لاءِ وقت، ماتم ڪرڻ جي لاءِ وقت، ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ وقت؛


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


هاءِ اريئيل، اريئيل، جنهن شهر ۾ دائود منزل ڪئي! ڀلي تہ سال پٺيان سال گذرندو وڃي، ۽ ڀلي تہ عيدون ملهايون وڃن.


۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.


اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو،


۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين.


هو چون ٿا تہ اسين ڇو روزا ٿا رکون جڏهن تون اهي نٿو ڏسين؟ اسين ڇو پنهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏيون جڏهن تون انهي جي خبر نٿو رکين؟ ڏسو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين پنهنجي خوشي پوري ٿا ڪريو، ۽ زوريءَ ٻين کان ٿا وٺو.


وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:


۽ تون خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ هنن سان گڏ نہ ويهي کائج پيئج.


انهي ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، ۽ روئو پٽيو ۽ واويلا مچايو: ڇالاءِ جو خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان تان لهي نہ ويئي آهي.


اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،


۽ هو پاڻ کي تنهنجي لاءِ گنجو ڪندا، ۽ چيلهہ سان کٿو ٻڌندا، ۽ ڏاڍو ماتم ڪري تنهنجي لاءِ گهڻي دل جي درد سان روئندا.


بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين.


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


اي ڪاهن، اوهين کٿا چيلهہ سان ٻڌو ۽ ماتم ڪريو؛ اي قربانگاهہ جا خدمتگار، واويلا ڪريو؛ اي منهنجي خدا جا خدمتگار، سڄي رات کٿي ۾ سمهو، ڇالاءِ جو کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني اوهان جي خدا جي گهر کان روڪي ويئي آهي.


اوهين اُنهيءَ ڪنواريءَ وانگي ماتم ڪريو جنهن پنهنجي جواني واري مڙس لاءِ کٿو ڍڪيو هجي.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


ڀلي تہ ڪاهن، جي خداوند جا خدمتگار آهن، سي ڏيڍيءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ روئن، ۽ چون تہ اي خداوند پنهنجي قوم کي معاف ڪر، ۽ پنهنجي ميراث تي اُها خواري نہ آڻ تہ قومون انهن تي حڪم هلائين: ڇو هو قومن جي وچ ۾ چون تہ هنن جو خدا ڪٿي آهي؟


۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.


۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو.


پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.


اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ