Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 22:11 - Sindhi Bible

11 ۽ پراڻي ڍنڍ جي پاڻيءَ لاءِ اوهان ٻن ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو حوض بہ بنايو: پر جنهن اهو حڪم ڪيو تنهن ڏي اوهان نہ نهاريو، نڪي جنهن گهڻا ڏينهن اڳي انهيءَ کي رٿيو هو تنهن ڏانهن اوهين ڦريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهان اندرين ٻنهي ڀتين جي وچ ۾ هڪڙو وڏو حوض تعمير ڪيو، تہ جيئن پراڻي تلاءَ کان وهندڙ پاڻي ڪٺو ڪيو وڃي. پر جنهن خدا اهو سڀ ڪرڻ لاءِ گھڻو اڳي رٿي ڇڏيو هو، تنهن کان اوهان منهن موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 22:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم ۽ سندس طاقت ۽ ڪيئن هن حوض موڙي جوڙي ۽ شهر ۾ پاڻي آندائين، اهو سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


تڏهن شهر جي ڀت کي هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون ۽ سڀ جنگي ماڻهو رات جي وقت ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي کان ڀڄي نڪتا، جو دروازو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان هو: (هاڻي انهيءَ وقت ڪلدي شهر جي چوڌاري گهيرو ڪيو بيٺا هئا:) ۽ بادشاهہ عرباہ جي رستي کان هليو ويو.


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


انهيءَ کانپوءِ جيڪا جڳهہ دائود جي قبرستان جي سامهون آهي تنهن تائين، ۽ جيڪا ڍنڍ جُڙي هئي تنهن تائين، ۽ بهادر مردن جي گهر تائين، نحمياہ بن عزبوق مرمت جو ڪم ڪيو، جو بيت سور جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.


انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.


۽ اوهان يروشلم جي گهرن جو شمار ڪيو، ۽ ڀت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان مڪان ڀڃي ڊاهي وڌا.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين.


تڏهن خداوند يسعياہ کي چيو تہ هاڻي تون ۽ تنهنجو پٽ شيارياشوب نڪري وڃي ميٽ جي کاڻ واري شاهي سڙڪ تي، مٿين ڍنڍ جي نهر جي پڇڙيءَ وٽ، آخز کي گڏجو؛


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ