Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هن شينهن وانگي رڙ ڪئي: تہ اي خداوند، آءٌ سڄو ڏينهن پهري واري ٺلهہ تي بيٺو ئي بيٺو آهيان، ۽ پهرو ڏيندي سڄيون راتيون ڪاٽيون اٿم:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو هيئن ٿيو جو منهنجي بيهاريل چوڪسي ڪندڙ رڙ ڪري چيو تہ ”اي منهنجا آقا! آءٌ سڄو ڏينهن توڙي سڄي رات پهري واري ٺُلهہ تي چوڪس بيٺو رهيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن يهوداہ بيابان جي پهري واري ٺلهہ وٽ آيا، تڏهن هنن انهيءَ ڪٽڪ ڏانهن نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ اُهي لاشا آهن جي زمين تي پيا آهن، ۽ منجهانئن اهڙا ڪي بہ ڪين هئا جي ڀڄي جان ڇڏائين.


جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


جڏهن آءٌ پنهنجي هنڌ تي توکي ياد ڪندس، ۽ رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تنهنجو ڌيان ڪندس.


انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.


هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.


هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


هوشيار ٿيو، سجاڳ رهو؛ اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو گهُمي ۽ وجهہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي ڦاڙي کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ