Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:5 - Sindhi Bible

5 هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.


اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.


اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


جيڪڏهن آئون انسان وانگر افسس ۾ جانورن سان وڙهيس، تہ انهي مان مون کي ڪهڙو فائدو؟ جي مُئل جي نہ اُٿندا تہ اچو تہ کائون پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي تہ مري وينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ