Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:4 - Sindhi Bible

4 منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو هاڻ تہ منهنجو مٿو ئي ڦري ويو آهي، خوف مون کي ڪنبائي ڇڏيو آهي. شام جو سڪون، جنهن لاءِ آءٌ سڪندو رهندو هئس، سو بدلجي منهنجي لاءِ دهشت ٿي پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ادونياہ جا سڀ مهمان ڊڄي ويا، ۽ اُٿيا ۽ سڀڪو پنهنجو پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.


۽ هامان هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ، جيڪا مهماني راڻي آستر ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ سان گڏ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ سڏيو اٿس؛ پر اُنهيءَ سڀاڻي بہ مون کي بادشاهہ سان گڏ سڏيو آهي.


خوف ۽ ڏڪڻي مون تي اچي پيئي آهي، ۽ هيبت مون تي غالب پيئي آهي.


مون چيو تہ شل مون کي ڪبوتر جهڙا کنڀ هجن ها، تہ جيڪر اُڏامي وڃي آرام ڪريان ها.


منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين.


انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.


۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو ڊڄي ويندين، جو صبح جو چوندين، تہ خدا ڪري شل سانجهي ٿئي! ۽ سانجهيءَ جو چوندين، تہ خدا ڪري شل صبح ٿئي!


جيئن عقاب پنهنجي آکيري کي چوري پوري، پنهنجن ٻچن جي مٿان پر پکيڙيندو آهي، تيئن هن پنهنجا پر پکيڙي انهن کي پنهنجن ٻانهن تي کنيو آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ