Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:12 - Sindhi Bible

12 پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مون ورندي ڏني تہ ”هينئر صبح ٿيڻ وارو آهي، پر رات وري ٻيهر ايندي. جيڪڏهن اوهين ٻيهر پڇڻ چاهيو ٿا، تہ ڀلي وري موٽي اچي پڇو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.


ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟


عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ