Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:11 - Sindhi Bible

11 ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هي پيغام سنسان رات بابت آهي. ادوم جي جابلو علائقي مان ڪنهن مون کي پڪاري چيو تہ ”اي پهريدار! رات ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌاءِ تہ رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.


۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ اوهين منهنجي مالڪ عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو، تہ تنهنجو ٻانهو يعقوب چوي ٿو آءٌ هيترو وقت لابن وٽ رهيس، ۽ هيستائين اتي هوس:


مشماع، دومہ، مسا، حدد ۽ تيمہ.


اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


پهري وارا، جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن، تن مون کي ڏٺو: انهن کي مون چيو تہ اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟


پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو.


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ وڃ، وڃي ڪو پهري وارو بيهار؛ جيڪي هو ڏسي سو هو ڀلي ظاهر ڪري:


تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.


۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم يهوداہ جي گهراڻي کان بدلو وٺڻ ۾ هن کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي، ۽ انهن کان پنهنجو وير ورتو اٿس؛


سو اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي جو نگهبان مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجي واتان ڪلام ٻڌ، ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


مصر ويران ٿي ويندو، ۽ ادوم بيابان ٿي ويندو، ڇو جو هنن بني يهوداہ سان ظلم ڪيو آهي ۽ ڇالاءِ تہ هنن، هنن جي ملڪ ۾ بيگناهہ رت وهايو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ غزہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو سڄي قوم کي قيد ڪري وٺي ويا، تہ انهن کي ادوم جي حوالي ڪن:


هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.


هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ