Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 21:1 - Sindhi Bible

1 سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي پيغام مون کي سمنڊ جي ڀر واري بيابان ۾ ڏنو ويو. جهڙيءَ طرح ڏکڻ کان واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگھندا آهن، تهڙيءَ طرح انهيءَ خوفناڪ بيابان ۾ هڪڙي رويا اچي مون تي ڪڙڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 21:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏکڻ جي ڪوٺيءَ مان طوفان اچي ٿو: ۽ اُتر مان ٿڌ.


بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.


تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


آءٌ بادلن جي اوچائيءَ کان بہ مٿي چڙهندس؛ آءٌ خدا تعاليٰ جهڙو ٿيندس.


آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.


اي بابل جي ڪنواري ڌيءَ، هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ؛ اي ڪسدين جي ڌيءَ، تخت تان لهي پٽ تي ويهہ: ڇالاءِ جو تون اڳتي نازنين ۽ نازڪ نہ سڏبينءَ.


انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس.


سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي.


اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن.


۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي.


۽ هو ۽ سندس قوم، جا قومن ۾ خوفناڪ آهي، انهي زمين جي ناس ڪرڻ لاءِ اُتي ايندا؛ ۽ اُهي مصر تي پنهنجون ترارون ڪڍندا ۽ انهي ملڪ کي ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندا.


۽ ڌارين ماڻهن يعني قومن جي خوفناڪ ماڻهن، هن کي وڍي ڇڏيو آهي: جبلن تي ۽ سڀني وادين ۾ هن جون ٽاريون ڪِري پيون آهن، ۽ هن جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڄي پيا آهن؛ ۽ زمين جون سڀ قومون هن جي ڇانوَ مان هليون ويون آهن، ۽ هن کي ڇڏي ڏنو اٿن.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ