Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 20:6 - Sindhi Bible

6 ۽ انهيءَ ڪناري واري زمين جو رهاڪو چوندو تہ ڏسو جنهن زمين کي اسين اميد گاهہ سمجهي مدد لاءِ ان ڏي ڀڳاسين، تہ اسان کي اسور جي بادشاهہ کان ڇڏائي. تنهنجو هي حال آهي: پوءِ اسين ڪيئن ڀڄي ڇُٽنداسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 20:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهيءَ کي بہ ڇڏائيندو جو بي گناهہ نہ آهي: هائو، هو تنهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ ڪري ڇڏايو ويندو.


اهي شرمندا ٿيا آهن، ڇالاءِ جو انهن اُميد رکي هئي، اهي اتي آيا ۽ سندن متيون منجهي ويون.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


آءٌ عدالت کي ڏور ۽ سچائيءَ کي شاهد ڪندس: ۽ ڳڙا ڪوڙ جي پناهہ ٻهاري ويندا، ۽ پناهہ جي جاءِ جي مٿان پاڻي اُٿلي ايندو.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


افسوس! ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن اهڙو وڏو آهي جو ڪوبہ انهي جهڙو ناهي: بلڪ اهو يعقوب جي مصيبت جو وقت آهي؛ پر هو انهي مان بچايو ويندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.


جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو.


اي بريون بلائون، ۽ نانگن جا ٻچا، اوهين جهنم جي سزا کان ڪيئن ڇُٽندا؟


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ