Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 20:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اشورين جڏهن اشدود شهر فتح ڪيو تڏهن خداوند فرمايو تہ ”جيئن تہ منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو رهيو آهي، سو اها مصر ۽ سوڊان وارن جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت آهي تہ ساڻن ڇا ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 20:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ مصرين کي هڪڙي ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ انهن تي حڪم هلائيندو؛ خداوند لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.


ڏس، آءٌ ۽ جيڪي ٻار خداوند مون کي ڏنا آهن، سي اسرائيل ۾ لشڪرن جي خداوند جا، جو صيون جبل تي ٿو رهي، نشان ۽ معجزا آهيون.


خداوند مون کي هيئن فرمايو، تہ وڃي پنهنجي لاءِ سڻيءَ جو هڪڙو ڪمربند خريد ڪر، ۽ چيلهہ سان ٻڌ، ۽ اُهو پاڻيءَ ۾ نہ وجهہ،


هنن جي ڏسندي اهو تون پنهنجي ڪلهي تي رکي رات جي وقت کڻي وڃ؛ تون پنهنجو منهن ڍڪج تہ زمين نہ ڏسين: ڇالاءِ جو مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو نشان مقرر ڪيو آهي.


۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.


اي آدمزاد، تون هڪڙي سر کڻ ۽ اُها پنهنجي اڳيان رک، ۽ انهي تي هڪڙي شهر جو نقشو ڪڍ، يعني يروشلم جو:


۽ هڪڙي لوهہ جي چادر کڻي، پنهنجي ۽ انهي شهر جي وچ ۾ لوهہ جي ڀت جي بجاءِ بيهار؛ پوءِ انهي ڏانهن رخ رک تہ اُهو گهيري هيٺ اچي وڃي، ۽ تون انهي کي گهيرو ڪر. اها اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نشاني ٿيندي.


اي ڪوش جا رهاڪو، اوهين بہ منهنجي ترار سان قتل ڪيا ويندا.


هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.


جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ