Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 20:1 - Sindhi Bible

1 جنهن سال ۾ اسور جي بادشاهہ سرجون ترتان کي اشدود ۾ موڪليو هو ۽ هو اشدود سان وڙهيو ۽ اهو ورتائين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اشور جي شهنشاهہ سرجُون پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار اعليٰ کي فلستين جي شهر اشدود تي حملو ڪري شهر فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سو هن انهيءَ شهر تي ڪاهہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 20:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.


اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.


۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛


۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي اشدود مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي اسقلون مان؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ عقرون جي برخلاف ڦيرائيندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ فلستين جا باقي بچيل ماڻهو چٽ ٿي ويندا.


عناقيم مان ڪوبہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ نہ ڇڏيائون: فقط غزہ ۾، ۽ جات ۾، ۽ اشدود ۾ ڪي وڃي بچيا.


هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.


۽ جيڪي سونيون ڳوڙهيون فلستين خداوند جي لاءِ ڏوهہ جي قرباني ڪري موڪليون سي هي آهن؛ اشدود جي لاءِ هڪڙي؛ غزہ جي لاءِ هڪڙي، اسقلون جي لاءِ هڪڙي، جات جي لاءِ هڪڙي، عقرون جي لاءِ هڪڙي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ