Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 2:8 - Sindhi Bible

8 انهن جو ملڪ بتن سان بہ ڀريل آهي، هو پنهنجن هٿن جي ڪم، جو سندن آڱرين جو جڙيل آهي، تنهن جي بندگي ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ان جي باوجود هنن جو ملڪ بتن سان ڀريل آهي، اهي پنهنجن هٿن سان ٺاهيل انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 2:8
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تنهن کان سواءِ ياهو بن حناني نبيءَ جي هٿان بعشا جي برخلاف ۽ سندس گهراڻي جي برخلاف ڪلام آيو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي نظر ۾ گهڻا ئي خراب ڪم ڪيا هئا ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان هن کي ڪاوڙايو هئائين، ڇالاءِ جو هو يربعام جي گهراڻي جهڙو هو، ۽ هن انهي کي ماريو بہ هو.


۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪر تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، هنن پنهنجي لاءِ ٿنڀ ۽ يسيرتون کڙيون ڪيون:


۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.


۽ هن اهي ڪم ڪيا، جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، جهڙا ڪ سندس پيءُ عزياہ جا سڀ ڪم هئا: انهيءَ هوندي بہ هو خداوند جي هيڪل ۾ نہ گهڙيو. ۽ سڀ ماڻهو اڃا بہ بڇڙا ڪم پيا ڪندا هئا.


۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون.


اي خداوند اسان جا خدا، توکان سواءِ ٻين معبودن اسان جي مٿان حڪم پئي هلايو آهي؛ پر تنهنجي ئي مدد سان اسين رڳو تنهنجو نالو وٺنداسين.


۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو،


ڏس، هو سڀيئي، ۽ سندن ڪم فاني ۽ حقير آهن: هنن جون پلٽيل مورتون واءُ ۽ مونجهارو آهن.


اوهين، جي شاهہ بلوطن وٽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ عيش عشرت ۾ گرم ٿا ٿيو؛ جي ماٿرين ۾، ۽ ٽڪرين جي ڦاٽن ۾ ٻار ٿا ڪهو؟


۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.


۽ آءٌ تنهنجن هٿن مان جادوگريون وڍي ڇڏيندس، ۽ تو وٽ اڳتي وري ڪي بہ فال وجهندڙ نہ رهندا.


هاڻي جڏهن پولس هنن جي لاءِ اٿينيءَ ۾ ترسيو پيو هو، تڏهن ڏٺائين تہ سڄو شهر بُتن سان ڀريو پيو آهي، ۽ سندس روح رنجيدو ٿي ويو.


۽ اتي اوهين ماڻهن جي هٿ جي جوڙيل معبودن جي عبادت ڪندا، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جي نڪي ڏسندا، نڪي ٻڌندا، نڪي کائيندا، نڪي سنگهندا هوندا.


۽ باقي ماڻهو جي انهن آفتن جي ڪري نہ مُئا، تن پنهنجي هٿن جي ڪمن کان توبهہ نہ ڪئي، ۽ نہ انهيءَ کان، تہ بدروحن جي، ۽ سون، ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ پهڻ، ۽ ڪاٺ جي بُتن جي عبادت نہ ڪن؛ جي نہ ڏسن، نہ ٻُڌن ٿا، نڪي هلي ٿا سگهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ