5 اي يعقوب جا گهراڻا اوهين اچو تہ پاڻ خداوند جي روشنائي ۾ هلون.
5 اي يعقوب جو اولاد! اچو تہ اسين خداوند جي ڏنل روشن تعليم مطابق زندگي گذاريون.
جيڪي توکي سڃاڻن ٿا تن تي پنهنجي ٻاجهہ ڪندو رهہ: ۽ جيڪي دل جا سچار آهن تن کي پنهنجي راستبازي ڏيندو رهہ.
مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.
اهي سڄو ڏينهن تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ٿا ڪن: ۽ تنهنجيءَ راستبازيءَ ڪري سرفراز ٿا ٿين.
۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.
وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.
تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“
ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،
۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.
پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.