Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 2:18 - Sindhi Bible

18 ۽ بت اصل فنا ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 2:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انسان جي مغروري جهڪائي ويندي، ۽ ماڻهن جو هٺ هيٺ ڪيو ويندو: ۽ رڳو خداوند ئي انهي ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


نڪي هو وري پنهنجن بُتن سان، يا پنهنجين نفرت جهڙين شين سان، يا پنهنجي ڪنهن بدڪاريءَ سان، پاڻ کي ناپاڪ ڪندا: پر جن جن پنهنجين رهڻ جي جاين ۾ هنن گناهہ ڪيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي بچائيندس ۽ هنن کي پاڪ ڪندس: انهي طرح هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس.


اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن.


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.


۽ آءٌ تنهنجون اُڪريل مورتون ۽ تنهنجا ٿنڀ تنهنجي وچ مان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تون اڳتي وري پنهنجن هٿن جي جوڙيل شين جي عبادت نہ ڪندين.


آءٌ ماڻهو توڙي جانور کي چٽ ڪري ڇڏيندس؛ آءٌ هوا جي پکين کي ۽ سمنڊ جي مڇين کي، ۽ شريرن کي سندن آٿڙائڻ وارن پٿرن سان گڏ ناس ڪندس؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انسان کي زمين جي سطح تان وڍي ڇڏيندس.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ