ڇالاءِ جو بادشاهہ جي لاءِ سمنڊ تي حيرام جي آرمار سان گڏ ترسيس جو آرمار بہ هوندو هو: ٽن ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز سون ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور کڻي ايندا هئا.
صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.