Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 2:10 - Sindhi Bible

10 خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10-11 اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن اهي خداوند جي غضب، ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا. ان وقت انساني غرور کي ٽوڙيو ويندو، ۽ بني آدم جي وڏائيءَ کي برباد ڪيو ويندو. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 2:10
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي خدا وٽان آيل آفت جي لاءِ خوف هو، ۽ هن جي جلال جي ڪري آءٌ ڪجهہ نہ ڪري سگهيس.


انهن کي گڏي مٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏ؛ ڳجهيءَ جاءِ ۾ هنن جا منهن ٻڌي ڇڏ.


تہ بني آدم تي تنهنجا قدرت جا ڪم، ۽ تنهنجي شان واريءَ بادشاهت جو جلال ظاهر ڪن.


تنهنجي غصي جي جوش جي ڪنهن کي خبر آهي، ۽ ڪنهن کي تنهنجيءَ ڪاوڙ جو پورو ڊپ آهي؟


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.


پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


اي قومن جا بادشاهہ، ڪير تو کان نہ ڊڄندو؟ ڇالاءِ جو اهو توکي ئي ٿو جُڳائي: ڇالاءِ جو قومن جي سڀني ڏاهن ماڻهن ۾ ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس.


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


تون بہ نشي ۾ مست ٿيندينءَ ۽ لڪندينءَ؛ تون بہ دشمن جي ڊپ کان پناهہ ڳوليندينءَ.


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


تڏهن اهي جبلن کي چوڻ لڳندا تہ اسان تي اچي پئو: ۽ ٽڪرين کي تہ اسان کي لڪائي ڇڏيو.


اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ