Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:4 - Sindhi Bible

4 ۽ آءٌ مصرين کي هڪڙي ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ هڪڙو زبردست بادشاهہ انهن تي حڪم هلائيندو؛ خداوند لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ مصرين کي هڪڙي جابر ۽ ظالم حاڪم جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. جيڪو مٿن حڪمراني ڪندو. اهو مون خداوند قادرِمطلق جو فرمان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن.


۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:


۽ خداوند فرمايو تہ جيئن منهنجو ٻانهو يسعياہ ٽن ورهين تائين اُگهاڙو ٿي، پيرين اُگهاڙو هليو آهي، تہ مصر ۽ ڪوش جي لاءِ هڪڙي نشاني ۽ عبرت ٿئي؛


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


۽ آءٌ هنن کي سندن جانين جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾، ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾، ۽ سندس نوڪرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو وري وسندو جيئن قديم زماني ۾ هوندو هو.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ هو ان جي جماعت ۽ ان جو لٽ جو مال کڻي هليو ويندو؛ ۽ اُهو هن جي لشڪر جو اُجورو ٿيندو.


آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.


انهيءَ هوندي بہ هوءَ قيد ٿي کڄي ويئي: انهي جا ننڍڙا ٻار بہ سڀني گهٽين ۾ اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويا؛ ۽ ان جي آبرو وارن ماڻهن جي لاءِ هنن ڪڻا وڌا، ۽ ان جي سڀني وڏن ماڻهن کي زنجير سان ٻڌائون.


۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ