Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:25 - Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خدا هن کي برڪت وارو ڪندو، ۽ چوندو تہ مصر منهنجي اُمت آهي، ۽ اسور منهنجن هٿن جو ڪم آهي، ۽ اسرائيل منهنجي ميراث آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند انهن کي هي چوندي برڪت وارو ڪندو تہ ”اي مصر وارؤ! منهنجي قوم، اي اشور وارؤ! منهنجي ڪاريگري، ۽ اي بني اسرائيل! منهنجي چونڊيل قوم، آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪريان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:25
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي، جو آسمان ۽ زمين جو خالق آهي.


خداوند منهنجي واسطي سڀ ڪجهہ پورو ڪندو: اي خداوند، تنهنجو رحم هميشہ قائم آهي: پنهنجي هٿن جي ڪمن کي ڇڏي نہ ڏي.


انهيءَ ڏينهن اسرائيل مصر ۾ اسور سان ٽيون ٿيندو، ۽ ملڪ جي لاءِ برڪت جو وسيلو ٿيندو:


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


پر جڏهن هو پنهنجو اولاد، يعني منهنجن هٿن جي ڪاريگري پنهنجي وچ ۾ ڏسندو، تڏهن هو منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا؛ هائو، اهي يعقوب جي قدوس خدا جي تقديس ڪندا، ۽ اسرائيل جي خدا جي ڊپ ۾ رهندا.


خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


۽ انهن جو نسل قومن ۾ مشهور ٿيندو، ۽ انهن جو اولاد اُمتن ۾: جيڪي انهن کي ڏسندا سي سڀ قبول ڪندا تہ هي اهو نسل آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي.


اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.


پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون.


انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.


اي يهوداہ ۽ اسرائيل جا گهراڻا، اوهين جي ٻين قومن ۾ لعنتي هئا، تن کي آءٌ بچائيندس، ۽ اوهين برڪت جو باعث ٿيندا: ڊڄو نہ، پر پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي مرضي آهي تہ آءٌ اسرائيل کي برڪت ڏيان، تڏهن هو ٻين وقتن وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، پر بيابان ڏانهن منهن ڪري هليو ويو.


شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛


انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.


يا خدا رڳو يهودين جو ئي خدا آهي؟ هو غير قومن جو بہ خدا ناهي ڇا؟ هائو، غير قومن جو بہ آهي:


ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ