Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:22 - Sindhi Bible

22 ۽ خداوند مصر کي ماريندو، ماريندو بہ ۽ ڇڏائيندو بہ؛ ۽ هو خداوند ڏي موٽندا، ۽ ان کي منٿون آزيون ڪندا، ۽ هو انهن کي شفا ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن بہ اهي ڦرندا تڏهن خداوند کين سزا ڏيندو ۽ اهي سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا. پوءِ هو کين بچائيندو. هائو، هو سندن دعائون ٻڌندو ۽ هنن تان مصيبتون ٽاري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين.


جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين.


ڇالاءِ جو هو زخمي ڪري ٿو، ۽ پٽي ٻڌي ٿو، هو ڦٽي ٿو، ۽ هن جا هٿ ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿا ڪن.


۽ ڏيڏر توتي، تنهنجن ماڻهن تي، ۽ تنهنجن نوڪرن تي بہ ڪاهي ايندا.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ هڪڙي وڏي تري وڄائي ويندي، ۽ جيڪي اسور جي ملڪ ۾ تباهہ ٿيڻ تي هئا، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ جلاوطن هئا، سي ايندا؛ ۽ اُهي يروشلم جي پاڪ جبل تي خداوند جي عبادت ڪندا.


انهي ڏينهن، جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت جي ڦٽ تي پٽي ٻڌندو، ۽ انهيءَ جي زخم جو ڌڪ ڇُٽائيندو، تڏهن چنڊ جي روشنائي سج جي روشنائي جهڙي ٿيندي، ۽ سج جي روشنائي ستوڻي، بلڪ ستن ڏينهن جي روشنائيءَ جهڙي ٿيندي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


مون هن جا رستا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ هن کي چڱو ڀلو ڪندس: آءٌ هن جي رهبري ڪندس، ۽ هن کي ۽ هن جي غمخوارن کي موٽي تسلي ڏيندس.


هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ چاليهن ورهين جي پوري ٿيڻ تي، آءٌ مصرين کي، جن قومن ۾ هو ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان وري گڏ ڪندس:


اي اسرائيل، خداوند پنهنجي خدا وٽ موٽ، ڇالاءِ جو تون پنهنجي بدڪاريءَ سبب ڪِريو آهين.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.


هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي.


في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ