Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:2 - Sindhi Bible

2 ۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ اسرائيل جي قوم ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويئي: اڌ قوم تبني بن جينت جي پٺيان لڳي، انهيءَ لاءِ تہ هن کي بادشاهہ ڪن: ۽ اڌ عمريءَ جي پٺيان لڳي.


قوم، قوم سان ٿي وڙهي، ۽ شهر، شهر سان ٿي وڙهيو، ۽ سڀ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا هئا: ڇالاءِ جو خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت سان تڪليف ٿي ڏني.


۽ ماڻهن مان هڪڙو ٻئي تي ظلم ڪندو، يعني هڪڙو پاڙيسري ٻئي تي: ٻار ٻڍي سان مغروري جي هلت ڪندو ۽ ڪميڻو شريف سان.


منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


قومن تنهنجي خواريءَ جو ذڪر پڌرو ڪيو آهي ۽ زمين تنهنجي دانهن سان ڀرجي ويئي آهي: ڇالاءِ جو هڪڙو بهادر مرد ٻئي بهادر مرد تي آٿڙجي پيو آهي، ۽ ٻئي گڏ ڪِري پيا آهن.


۽ پنهنجي دل نہ هاريو، نڪي جيڪا افواہ انهيءَ زمين ۾ ٻڌجي، تنهن کان ڊڄو؛ ڇالاءِ جو هڪڙي سال ۾ افواہ ايندي، ۽ انهي کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٻي افواہ ايندي، ۽ ملڪ ۾ ظلم زبردستي ۽ حاڪم تي حاڪم ايندو.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس: هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي.


ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو.


۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.


۽ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر جا ڀاتي ٿيندا.


۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو.


ڇوتہ قوم قوم تي، ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي؛ ۽ ڪيترن ئي هنڌ ڏڪار پوندا، ۽ زلزلا ٿيندا.


۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.


۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.


۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي:


۽ سائول جي پهري وارن بنيمين جي جبعہ ڏانهن پئي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ خلق ٽڙي پکڙي گم ٿي ويئي، ۽ ماڻهو هيڏي هوڏي هليا ويا


۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ