Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:17 - Sindhi Bible

17 ۽ يهوداهہ جي زمين مصر جي لاءِ خوف جو سبب ٿيندي، جنهن وٽ انهيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو سو ڊڄي ويندو، انهيءَ ارادي جي ڪري، جو لشڪرن جي خداوند ان جي برخلاف ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ان وقت يهوداہ جو ملڪ مصر جي لاءِ دهشت جو سبب بڻبو. هائو، جنهن وٽ بہ يهوداہ جو ذڪر ڪيو ويندو، سو ڊڄي ويندو. اهو سڀ خداوند قادرِمطلق جي انهيءَ ارادي جي ڪري ٿيندو، جيڪو هن مصر جي خلاف رٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:


هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين.


مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛


انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.


۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ