Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:16 - Sindhi Bible

16 انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن خداوند قادرِمطلق پنهنجي زورآور هٿ سان مصرين کي سزا ڏيندو، تڏهن اهي ڊپ وچان ڏڪندا ۽ کين دهشت وٺي ويندي. هائو، اهي عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين.


۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.


اڄوڪي ڏينهن هو نوب ۾ منزل ڪندو: صيون جي ڌيءَ جي جبل تي، ۽ يروشلم جي ٽڪريءَ تي هو پنهنجو هٿ اُلاري ٿو.


۽ خداوند مصر واري سمنڊ جي ڄڀ اصل ناس ڪري ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان پنهنجو هٿ نديءَ جي مٿان اُلاريندو، ۽ انهي کي ستن نهرن ۾ ورهائيندو، ۽ اتان ماڻهو سڪي جُتيءَ سان پار لنگهائيندو.


اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.


هڪڙي جي ڌمڪيءَ سان هڪ هزار ڀڄندا؛ پنجن جي ڌمڪيءَ سان اوهين سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ اوهين جبل جي چوٽيءَ تي روشنيءَ جي مينار وانگر ۽ ٽڪريءَ تي نشان وانگي رهجي ويندا.


انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا.


بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن.


اي تيمان، تنهنجا بهادر مرد حيران پريشان ٿيندا، انهي لاءِ تہ سڀڪو ماڻهو عيسوءَ جي جبل مان قتل ڪيو وڃي.


ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن.


۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس.


تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي.


زندہ خدا جي هٿن ۾ پوڻ خوفناڪ ڳالهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ