Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 19:14 - Sindhi Bible

14 خداوند ان منجهہ ڏنگائي جو روح وجهي ڇڏيو آهي؛ ۽ انهن مصر کي سندس سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ڪو نشئي ماڻهو پنهنجي قئي ۾ آٿڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهو خداوند ئي آهي، جنهن مصرين منجھہ مونجھارو وجھي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو سندن ئي اڳواڻن کين سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي انهيءَ نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿي پيا آهن، جيڪو پنهنجي الٽيءَ تان پاڻ ئي ترڪي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 19:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي ڏس هنن تنهنجن نبين جي وات ۾ خداوند هڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح وڌو آهي؛ ۽ خداوند تنهنجي نسبت ۾ خراب خبر ٻڌائي آهي.


هن وٽ زور ۽ پوري ڪم ڪرڻ جي تجويز آهي؛ ٺڳيل ۽ ٺڳيندڙ هن جا آهن.


هو روشنائيءَ کان سواءِ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻن ٿا، ۽ هو انهن کي نشئيءَ ماڻهوءَ وانگر آٿڙائي ٿو.


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:


زمين نشئي ماڻهوءَ وانگي آٿڙندي، ۽ ڀُنگيءَ وانگي هيڏي هوڏي لڏندي ۽ ان جو گناهہ مٿس ڳرو ٿيندو، ۽ اها اهڙي ڪرندي جو وري نہ اُٿندي.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.


ڇالاءِ جو جيڪي هن قوم جا سردار آهن سي ئي انهيءَ کي گمراهہ ڪن ٿا؛ ۽ جيڪي انهن جي پيروي ٿا ڪن؛ سي ناس ٿي وڃن ٿا.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:


۽ خدا ابيملڪ ۽ سڪم جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪڙو خراب روح موڪليو؛ ۽ سڪم جي ماڻهن ابيملڪ سان دغا ڪئي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ