Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 18:7 - Sindhi Bible

7 انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 18:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.


اي زمين جون بادشاهتون خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو؛ ۽ خداوند جي تعريف ڳايو؛


سلع، جو بيابان جي پاسي آهي، تنهن کان وٺي صيون جي ڌيءَ جي جبل تائين اوهين انهيءَ زمين جي حاڪم لاءِ گهيٽا موڪليو.


جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!


ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تان جيئن اُس ۾ صاف گرمي، ۽ جيئن فصل جي گرميءَ ۾ ماڪ جو ڪڪر ڏسبو آهي، تيئن ڏسندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.


ڪوش جي ندين جي پريان، منهنجا سوالي، يعني منهنجي ٽڙي پکڙي ويلن جي ڌيءَ منهنجي قرباني آڻيندي.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ