Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 18:2 - Sindhi Bible

2 جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتان سمنڊ جي رستي ايلچي ٿا اچن، يعني پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هلندڙ ڪانن جي جهازن ۾. اي تيز رفتار قاصدؤ! اوهين خداوند جو پيغام کڻي موٽي پنهنجي قوم وٽ وڃو، جنهن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي. انهيءَ جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 18:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ زارح حبشيءَ، ڏهن لکن جو هڪڙو لشڪر ۽ ٽي سؤ گاڏيون وٺي هنن تي چڙهي آيو، ۽ هو مريسہ تائين آيو،


ڪوشي ۽ لوبي بيشمار گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت تمام وڏو لشڪر نہ هو ڇا؟ انهيءَ هوندي بہ تو جڏهن خداوند تي ڀروسو رکيو، تڏهن هن اهي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا.


هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو.


پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.


انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.


مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو.


انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي.


ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ