يسعياہ 17:8 - Sindhi Bible8 ۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible8 پوءِ اهي انهن غير معبودن جي قربانگاهن ڏانهن نہ نهاريندا، جيڪي پنهنجي هٿن سان ٺاهيون اٿائون. نڪي هو انهن بتپرستيءَ وارين شين کي مان ڏيندا، جيڪي سندن آڱرين جوڙيون هونديون، پوءِ اهي يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا هجن يا لوبان ساڙڻ واريون قربانگاهون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.