يسعياہ 17:7 - Sindhi Bible7 انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجي خالق آڏو ٻاڏائيندا، هائو، سندن اکيون بني اسرائيل جي پاڪ معبود ڏانهن مدد لاءِ واجھائينديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.