Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 17:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن اسرائيل ملڪ جو حال اهڙي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن ۾ بيٺل فصل جو اهڙيءَ طرح لابارو ڪيو ويو هجي، جو ان ۾ هڪڙو سنگ بہ نہ ڇڏيو ويو هجي. هائو، ان جو حال رفائين جي ماٿريءَ جي اهڙي سکڻي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن مان سنگ ميڙي ان کي خالي ڪيو ويو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 17:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا.


۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا.


سڪل گاهہ کڄي ويندو آهي ۽ سائو گاهہ پاڻيهي پيدا ٿيندو آهي، ۽ جبل جي ساوڪ لڻي گڏ ڪبي آهي.


وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.


چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.


اي يهوداہ، تنهنجي لاءِ بہ هڪڙو فصل تيار رکيو ويو آهي، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جا قيدي موٽائي آڻيندس.


ڏاٽو وجهو، ڇالاءِ جو فصل پڪو آهي: اوهين اچو ۽ لتاڙيو؛ ڇالاءِ جو شراب جو حوض ٽمٽار آهي؛ بلڪ اُٿلي پيو آهي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن جي شرارت وڏي آهي.


ڇڏيو تہ لاباري پوڻ تائين ڀلي ٻئي گڏ پيا اُڀرن: پوءِ لاباري مهل آئون لاهيارن کي چوندس تہ پهرين جهنگلي ٻوٽا ميڙي اُنهن جا گَڏا ٻَڌي رکو تہ ساڙجن: پر ڪڻڪ منهنجي ڀانڊي ۾ گڏ ڪجو.


پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:


پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ