Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:7 - Sindhi Bible

7 تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڇاڪاڻ تہ هاڻي موآب جا ماڻهو پاڻ تي آيل مصيبتن تي واءِ‌ويلا ڪن ٿا. اهي سڀ قيرحراست شهر ۾ کاڌل ڪشمش جي خاص ٽڪين کي ياد ڪري واءِ‌ويلا ٿا ڪن. بيشڪ اهي سڀيئي بدحال ٿي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن شهر ڊاهي ڇڏيا: ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ زمين جي سڀ ڪنهن چڱي ٽڪر تي پٿر اُڇلائي اُهو ڀري ڇڏيو، ۽ هنن پاڻيءَ جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيا، ۽ سڀ چڱا وڻ وڍي ڇڏيائون: نيٺ ائين ٿيو جو رڳو قيرحراست ۾ هنن ڪجهہ پٿر ڇڏي ڏنا؛ پر کانڀاڻين وارن انهيءَ جي چوڌاري وڃي انهن کي ماريو.


تنهن کان سواءِ جيڪي انهن کي ويجها هئا يعني تہ اشڪار ۽ زبولون ۽ نفتالي تن بہ مانيون گڏهن ۽ اُٺن ۽ خچرن ۽ ڏاندن تي آنديون، يعني اٽي جا طعام، انجيرن جون ٽڪيون، ۽ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ شراب، ۽ تيل، ۽ ڏاند، ۽ رڍون، جي بيشمار هيون: ڇالاءِ جو اسرائيل ۾ خوشي هئي.


۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.


تنهن ڪري منهنجا آنڊا موآب جي لاءِ بربط وانگي آواز ڪندا، ۽ منهنجا اندريان عضوا قيرحارس لاءِ.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ