Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 16:6 - Sindhi Bible

6 اسان موآب جي مغروريءَ جو ٻڌو آهي؛ بلڪ هن جي بيحيائي، ۽ هن جي هٺ، ۽ هن جي ڪاوڙ جو؛ هن جون ٻٽاڪون ڪي بہ ڪين آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 16:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغرور ۽ هٺيلي ماڻهوءَ جو نالو ٺٺولي ڪندڙ آهي، اهو مغروريءَ جي بي حيائيءَ سان ڪم ڪري ٿو.


موآب بابت ڪلام. هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو عار ويران ۽ نابود ٿي ويو؛ هڪڙي ئي رات ۾ موآب وارو قير ويران ۽ نابود ٿي ويو.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


هو انهيءَ جي وچ ۾ پنهنجا هٿ پکيڙيندو جيئن تارو ترڻ لاءِ پنهنجا هٿ پکيڙيندو آهي: ۽ هو ان جي مغروريءَ کي ان جي هٿن جي چالاڪيءَ سان گڏ لاهي هيٺ ڪندو.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.


ٻٽاڪ هڻڻ وارن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي اجائي لڪ ڪندا: اُن جي بهادر مردن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي پريشان ٿي ويندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ موآب جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن ادوم جي بادشاهہ جا هڏا ساڙي چُن ٺاهيو:


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ